شير ايران

شير ايران

شير ايران

شير ايران (ڪتاب): هي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ناول آهي، جيڪو پهرين مهاڀاري جنگ دوران ايرانين جي روسي غلاميءَ کان آزادي جي ڪشمڪش جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن جو پهريون ايڊيشن فيبروري 1946ع ۾ هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو. هي ناول 102 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت هڪ روپيو ڄاڻايل آهي. هن جو ٻيو ايڊيشن اسلاميه دارالاشاعت پاران 1950ع ۾ اسلاميه پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن جي قيمت پڻ هڪ روپيو ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو